اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ۽ بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لا??ِ جاري مهم ۽ ڪووڊ – 19 سبب پيدا ٿيندڙ صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لا??ِ پاڪستان ??ي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ??اري بيان موجب وزيراعظم عمران ??ان ??ڄي دنيا ۾ ڪمزور ماڻهن جي مع??شي ۽ سماجي ترقي ۽ خاص طور تي صحت جي خدمتن تائين عالمگير پهچ جي فروغ ۽ وچڙندڙ بيمارين جي روڪٿام لا??ِ بل اينڊ ملنڊا گيٽ فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن خاص طور تي پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لا??ِ فائونڊيشن جي حصيداري تي ٿوري جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اه?? قومي ترجيح آهي ۽ ڪورونا وبا جي چئلينج جي باوجود سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم کي تيز ڪرڻ لا??ِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هلندڙ مهيني 7 کان 11 جون تائين سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لا??ِ خصوصي مهم جو هن ذڪر ڪيو جنهن دوران پنج سالن کان گهٽ عمر جي 33 ملين ٻارن کي پوليو ويڪسين جا ڦڙا پياري ويا، ويراعظم ملڪ ۾ پوليو وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڀرپور اڳڀرائي تي اطمينان ??و اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سمورن حصيدارن جي تعاون سان پوليو جو خاتمو جلد ڪيو ويندو. بل گيٽس ان قومي مقصد لا??ِ وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.
وزيراعظم عمران خان ۽ بل گيٽس ۾ خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات