اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمورن صوبن تي زور ڏنو آهي ته اهي راندين جي بحالي ۽ نوجوانن کي راندين جي سهولتن جي فراهمي تي پن??نجو ڌيان ڏين، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ احسان ماني جون ڪوششون سا??اهه جوڳيون آهن. ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنجاب جي اسڪولن ۾ ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي ڪوششن جو جائزو وٺندي کيس خوشي ٿي آهي. سڄي پنجاب ۾ 870 اسڪول ۽ 231 ڪاليج گرائونڊز ۽ 355 راندين جا ميدان تيا?? ڪيا ويا آهن. وزيراعظم سمورن صوبن تي زور ڏنو آهي ته اهي راندين جي بحالي ۽ نوجوانن کي راندين جي سهولتن جي فراهمي تي پن??نجو ڌيان ڏين. وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين طور پن??نجي 3 سالا مدي ۾ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ احسان ماني جي ڪوششن کي سا??اهيو ۽ سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو ملڪ ۾ پهريون ڀيرو علائقائي ڊو??يس??ڪ ڪرڪيٽ جو ڍانچو قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي ۾ احسان ماني جي ڪردار کي سا??اهي ٿو.
سمورا صوبا راندين جي بحالي ۽ نوجوانن کي راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي پنهنجو ڌيان ڏين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں