اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميرات?? شعبي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي، ملڪ جي عام ماڻهو کي معاشي طور تي بهتر بڻائڻ حڪومت جي ترجيح آهي، پراپرٽي، هائوسنگ ۽ ڪنسٽرڪشن نمائش 2021ع تعميرات?? شعبي ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا اجاگر ڪندي، تعميراتي صنعت کي درپيش مشڪلاتن کي ختم ڪيو ويندو. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن پاڪستان پراپرٽي، هائوسنگ ۽ ڪنسٽرڪشن ايڪسپو 2021ع جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ايڪسپو جو انعقاد نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ اسلام آباد چيمبر آف ??امرس اينڊ انڊسٽري جي گڏيل ڪوشش آهي. ايڪسپو 5 سيپٽمبر تائين جاري رهندو. نمائش تعميرات?? شعبي ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا وسيعا موقعا اجاگر ڪندي. تعميرات?? شعبو ملڪي معيشت جي ترقي ۽ استحڪام ۾ اهميت رکندڙ آهي. تعميرات?? شعبي جي ترقي سان واڳيل 40 صنعتن کي فروغ ملندو جڏهن ته روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ايڪسپو جي موقعي تي ن??ون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ آءِ سي سي آءِ کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پوري ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته سڄو خام مال پاڪستان ۾ ئي ملي ۽ انڊسٽري درآمدات تي گهٽ دارومدار ڪري، ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته سمورو لاڳاپيل خام مال پاڪستان جي اندر ئي مينوفيڪچر ڪيو وڃي، آئون يقين ڏياريان ٿو ته حڪومت ان حوالي سان ڀرپور تعاون ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تعميرات ج?? شعبي ۾ تيزي اچي رهي آهي، ملڪ جي آبادي 22 ڪروڙ آهي ۽ ان آبادي کي گهر جي ضرورت آهي، اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن موقعو ئي ن??هي مليو ته هڪ عام ماڻهو، ڏهاري تي ڪم ڪندڙ ۽ عام سرڪاري ملازم پنهنجو گهر ٺاهي سگهي، اسان ٻن سالن ۾ عدالتن کان گهرن جي تعمير جي لاءِ بئنڪن کان پئسا ڏيڻ جي حوالي سان فيصلا منظور ڪرايا، ه??ڻي بئنڪون ماڻهن کي گهر ٺاهڻ جي لاءِ رقم ڏينديون. وزيراعظم عمران خان چيو ته تعميرات?? شعبي جي ترقي ۽ طلب ۾ اضافي جي ڪري تعميرات وڌندي ۽ اهڙي طرح تعميرات?? شعبي سان واڳيل صنعتون پڻ ترقي ڪنديون. هن چيو ته ملڪ جي ڪمزور ۽ غريب طبقي کي غربت مان ڪڍڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، دنيا ۾ ڪو به ملڪ ان وقت تائين ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيستائين ان ۾ هڪ ننڍو طبقو امير ۽ باقي غريبن جو سمنڊ هجي، ماضي جي حڪومتن عام ماڻهو جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، اسان جو نظام عام ماڻهو کي سهولتون فراهم ڪرڻ بدران وڌيڪ الجهاءُ جو شڪار ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاليسي اها آهي ته اسان ان طبقي کي اڳتي وٺي اچون جنهن کي 70 سالن کان نظرانداز ڪيو ويندو رهيو، اسان کي چين جي ترقي جي ماڊل کي ن??ر ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڪورونا دوران اسان تعميرات?? شعبي کي کليل رکڻ جي اجازت ڏني ڇو جڏهن لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ٿو ته عام ماڻهو، پورهيت طبقو يا ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو تمام گهڻو متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته جڏهن سڌارن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته اهو هڪ جدوجهد جو نالو آهي، نظام ۾ تبديلي ڪرڻي هوندي آهي، اڄ پاڪستان ۾ سوچ تبديل ٿي رهي آهي. هن چيو ته ٻه سال اڳ تعميرات جي حوالي سان جيڪي رڪاوٽون هيون ه??ڻي اهي نه آهن، اسان مسلسل سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته تعميرات?? شعبي ۾ وڏي انگ ۾ روزگار جا موقعا موجود آهن، ڪو به ملڪ ان وقت ترقي ڪندو آهي جڏهن ان ملڪ جي نوجوان نسل کي روزگار ميسر هجي، ان کانسواءِ جيستائين ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافو نه ٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين ملڪ جي دولت نه ٿي وڌي سگهي، ملڪي قرضن جي ادائيگي به معيشت جي ترقي سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته اها تمام ضروري ڳالهه آهي ته حڪومت انڊسٽريز جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندي ان سان تعاون ڪري پر ان سان گڏوگڏ صنعتن جي به اها ذميواري آهي ته اهي به ٽيڪس جي ادائيگي جي ذريعي حڪومت سان تعاون ڪن. هن ايڪسپو منعقد ڪرڻ تي ن??ون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ آءِ سي سي آءِ کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان اسلام آباد چيمبر آف ??امرس سان گڏجي ڪم ڪنداسين، مشڪلاتن کي ختم ڪيو ويندو، تعميرات بابت ايندڙ اجلاس ۾ سي ڊي اي کي پڻ گهرائينداسين ۽ سمورين مشڪلاتن کي حل ڪيو ويندو.
تعميراتي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي، ملڪ جي عام ماڻهو کي معاشي طور تي بهتر بڻائڻ حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج