اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جي سطح تي واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگ??ائ?? تعاون تنظيم اهم پليٽ فارم آهي، ڀارت اسپائيلر جو ڪر??ار ڇڏي امن ڪوششن جو حصو بڻجي. شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي اجلاس 2021ع ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان دوشنبي ۾ مقامي ۽ عالمي ميڊيا عيوضين سان ڳال??ائ??ندي پر??يهي وزير چيو ته ڪاسا 1000، ت??پي گيس پائيپ لائين ۽ ريل لنڪ منصوبا سڄي خطي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن.
شاهه محمود قريشي چيو ته شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي سربراه اجلاس جي موقعي تي پاڪستان، روس، ايران ۽ چين جي پر??يهي وزيرن عجو اجلاس ٿوي. جنهن ۾ افغان صورتحال تي ڳالهه ٻ??له?? ٿي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پر??يهي وزير خبر??ار ڪيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال خراب ٿئي ٿي ته بين الاقوامي دهشتگرد تنظيمن کي پنهنجو نيٽ ورڪ وڌائڻ جو موقعو ميسر اچي سگهي ٿو.
هن چيو ته افغانستان گذريل ٻن سالن کان سوڪهڙي جو شڪار آهي جيڪڏهن ان جو حل نه ڪڍيو ويو ته انساني بحران جنم وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي هن اجلاس وسيلي اسان مشاورت سان علائقائي سطح تي افغانستان جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهون ٿا. منهنجي راءِ مطابق ڀارت پاڪستان تي الزام هڻڻ واري روش ڇڏي نئين حقيقي کي منهن ڏئي.
هن چيو ته افغانستان ۾ پيش ايندڙ حالتن ۽ واقعن جي بنيادي ذميداري افغانستان جي اڳوڻي ناڪام حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. هندوستان، دوحه ۾ ٿيل بين الافغان ڳالهين جي ڪاميابي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل رهيو. ڀارت کي گهرجي ته اسپائيلر جو ڪر??ار ڇڏي خطي جي امن ۽ استحڪام کي نظر ۾ رکندي امن ڪوششن جو حصو بڻجي.