اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ران??ين جي صحتمنداڻي سرگرمين جي فروغ سان نوجوانن کي سماجي براين کان روڪڻ ۾ مدد ملندي، شوقينن جي دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ ڪرڪيٽ سميت مختلف ران??ين ۾ آهستي آهستي تبد??لي??ن آيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ منعقد ڪراچي ٽيپ بال پريميئر ليگ جي ايوان صدر ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي لوگو ۽ ٽرافي جي رونمائي به ڪئي. صدر چيو ته ??زيراعظم عمران خان ڪرڪيٽ جو هيرو آهي، هن ڪرڪيٽ ۾ به اصولن ۽ ڪردارسازي کي فروغ ڏنو، هن چيو ته ??نڍپڻ ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق هو جاويد ميانداد، هارون رشيد ۽ توصيف احمد جهڙن رانديگرن ان دور ۾ شاندار ڪرڪيٽ کيڏي، جاويد ميانداد يادگار ڇڪو هڻي پاڪستان کي فتح ڏياري، هن چيو ته ??يچ فڪسنگ جي باوجود ڪرڪيٽ ۾ دلچسپي برقرار رهي، هاڻي ڪرڪيٽ جو انداز بدلجي ويو آهي، شوقينن جي دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ ڪرڪيٽ سميت مختلف ران??ين ۾ آهستي آهستي تبد??لي??ن آيون آهن. هن چيو ته ??يپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي انعقاد بهترين قدم آهي، مقامي سطح تي هاڪي ۽ ڪرڪيٽ جي مقابلن سان مثبت سرگرمين کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. صدر چيو ته ??وجوانن جي وچ ۾ ران??ين جي صحتمنداڻي مقابلن جو هجڻ ضروري آهي، نوجوانن ۾ ران??ين جي صحتمداڻي سرگرمين س??ن سماجي براين کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته رانديون اسان کي نظم ۽ صبظ سکارينديون آهن، ان موقعي تي خطاب ڪندي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته ب??قسمتي سان ماضي ۾ ران??ين کي نظرانداز ڪيو ويو تنهن هوندي به موجوده حڪومت جي قدمن جي ڪري هاڻي اها ترقي جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته ??زيراعظم عمران خان پاڻ اسپورٽس مين آهي ان جي ويزن جي تحت اسپورٽس پاليسي ٺاهي آهي ڪابينا ان منظوري کانپوءِ ان اسپورٽس پاليسي سان ران??ين ۾ نمايان بهتري ايندي. ران??ين ۾ پاڪستان جو نالو استعمال ڪندڙن کي ان اسپورٽس پاليسي تي عمل ڪرڻو پوندو. هن ٽيپ بال ٽورنامينٽ جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ان طرز جي ٽورنامينٽ کي ملڪي سطح تي توسيع ڏيڻ گهرجي. ٻهراڙي جي علائقن جي نوجوانن ۾ وڏيون صلاحيتون آهن. نوجوانن ۽ عورتن کي ران??ين جي سرگرمين جي وڌ کان وڌ موقعا ملڻ گهرجن، هن چيو ته ڪاروباري ادارن کي سي ايس آر تحت ران??ين جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي چيو ته ران??ين ٻاهرين ملڪ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪريون ٿا. ڪراچي ۾ ريلوي جي زمين تي 2 ڪرڪيٽ گرائونڊ بڻايا ويندا. اڳوڻي ڪپتان ليجنڊ ڪرڪيٽ جاويد ميانداد چيو ته ڪراچي ۾ ران??ين جا ميدان گهٽ آهن جنهن جي ڪري ٻارن جي لاءِ مثبت سرگرمين جا موقعا گهٽ آهن، ڪراچي شهر ۾ ران??ين جي ميدانن ۾ اضافو ڪرڻ چاهي، اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر هارون رشيد چيو ته ان ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن ۽ اها ٽورنامينٽ محلي جي بنياد تي منعقد ڪيو پيو وڃي.
راندين جي صحتمنداڻي سرگرمين جي فروغ سان نوجوانن کي سماجي براين کان روڪڻ ۾ مدد ملندي: صدر
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون