اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي ??رادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي قيام جو وڏو مقص?? اقليتن جي حقن جو تحفظ هو، قائداعطم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ۾ واضح ڪيو هو ته پاڪستان جي رياست ۾ اقليتن جي حقن کي مڪمل تحفظ حاصل هوندو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ڪرسمس جي دلچسپ ۽ زبردست تاريخ آهي، هر نئين صدي ۾ ڪرسمس ۾ نوان رنگ ڀرجندا ويا، ڪرسمس کي سدائين خوشين جو ڏڻ تصور ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي ??رادري جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جي مستقبل ۾ اقليتن جي ڪردار کي وڌيڪ ساراهيو ويندو، هن چيو ته اهڙي طرح جي تقريبن جو انعقاد ان لاءِ به ضروري آهي ته ماڻهن کي ٻڌائي سگهجي ته رياست ۾ سڀني اقليتن جا ماڻهو شامل آهن. اطلاعات واري و??ير اطلاعات واري و??ارت ۽ اي پي پي ۾ ڪرسمس جي تقريب جي انعقاد کي ساراهيندي مسيحي ??رادري کي ڪرسمس جي خوشين جي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي و??ير ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي ملازمن ۾ سوويئنرز به ورهايا، تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اي پي پي جي مينيجنگ ڊا??ريڪٽر مبشر حسين، انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊا??ريڪٽر جنرل سيد جاويد، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊا??ريڪٽر عديله رباب، مسيحي ملازمن ۽ سندن گهرڀاتين سميت ٻيا به موجود هئا.
پاڪستان جي قيام جو وڏو مقصد اقليتن جي حقن جو تحفظ هو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil