اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جا ماڻهو مذهبي، ثقافتي ۽ ڀائيچاري جي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موقف رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عظيم ثقافتي ورثي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اها ڳا??هه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مصر جي سفير ڊاڪٽر طارق دردگ سان ڳا??هائيندي چئي. ملاقات ۾ ڊرامي، فلم، علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر جي فلمن ۽ ڊرامن جو ترجمو ڪرڻ جي لاءِ ڊبنگ سينٽرز کولڻ تي پڻ اتفاق ٿيو ۽ افغا??ست??ن جي صورتحال ۽ وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان پڻ ڳا??هه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موقف رهيو آهي، افغا??ست??ن ۾ وڏو انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، ان صورتحال ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو، ان ڏس ۾ مصر به پنهنجو ڪردار ادا ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي دوري دوران افغا??ست??ن جي مسئلي تي پڻ ڳا??هه ڪندو. ان موقعي تي ڳا??هائيندي مصر جي سفير چيو ته مصر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمن?? آهي. هن ملاقات جي لاءِ وقت ڏيڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری