اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز رابطا قائم ڪ??ڻ جي لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ جي ذميواري ڀارت تي لاڳو ٿئي ٿي، گڏيل قومون ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي وزير ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن غيرقانوني ط??ر تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال ۽ خطي ??ي امن ۽ سلامتي بابت مستقل خطرن کان آگاهه ڪيو ويو آهي. پنهنجي خط ۾ پرڏيهي وزير زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن، جن ۾ قبضي هيٺ خطي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪ??ڻ جي ڪوشش به شامل آهي، عالمي قانونن، گڏيل قومن جي منشور ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کلي?? خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزير غيرقانوني ط??ر تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وسيع پئماني تي انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين، عدالت کان مٿانهين ۽ جعلي مقابلن ۾ شهادتن جي تازي لهر کي اجاگر ڪيو. خط ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته ڀارت پاران گڏيل قومن ??ي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس (او – ايڇ – سي – ايڇ – آر) کي غيرقانوني ط??ر تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي جاچ جي لاءِ پهچ ڏيڻ کان انڪار قابض ۽ جابر حڪومتن جي پنهنجي ڏوهن کي لڪائڻ ۽ جوابدهي کان بچڻ جهڙو روايتي حربو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آر ايس ايس، بي جي پي جي قيادت پاران پاڪستان جي خلاف جنگي جنون کي تيز ڪرڻ ۽ قومي جارحيت جي ڌمڪين جو حوالو ڏيندي داخلي سطح تي سياسي حمايت حاصل ڪ??ڻ جي لاءِ فالس فليگ آپريشنز جو ڊرامو رچائڻ جي ماضي جي ڀارتي طرزعمل کي بيان ڪيو.
پرڏيهي وزير پاران ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر