اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته گڏ??ل قومن ۽ او آ??ِ سي امن ۽ افهام تفهيم جي ڪلچر کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، ه?? اها ڳالهه 48 هين او آ??ِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چئي، گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏ??ل قومن ۽ او آ??ِ سي جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ه??ي رهيا آهن جيڪي گهڻ رخي تعاون، ڊائيلاگ ۽ يڪجهتي جي مستحڪم بنيادن تي قائم آهن. هن چيو ته اسان جي ٻنهي تنظيمن امن ۽ افهام تفهيم جي ڪلچر کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي. گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته تازن سالن ۾ اسان ثالثي، دهشتگردي جي خاتمي، پرتشدد انتهاپسندي کي روڪڻ، مسلمانن جي خلاف نفرت جو مق??بلو ڪرڻ ۽ مذهبي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ سميت اهم شعبن ۾ تعاون ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ