اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ??نهنجي پيغام ۾ ڄيو آه?? ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي ڏس ۾ 5 آگسٽ اهو ڪارو ڏينهن ??هي جڏهن ڀارت جي قابض ۽ غاصب حڪومت والاريل ڪشمير جي رياست جي عوام جي منشا جي ابتڙ ڄمون ۽ ڪشمير کي مليل خصوصي حيثيت 370 ۽ 35 اي کي هڪ ناقابل قبول فرمان ذريعي ختم ڪري ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀارت جي يونين ٽيريٽري بڻائي ڇڏيو، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جيڪي قدم کنيا ۽ جنهن ??و اطلاق هن ??ن کانپوءِ ڪيو اهي بنيادي طور تي ڪشميرين کان انهن ??ي سڃاڻپ، انهن ??ي زبان، انهن ???? تهذيب، انهن ??ي رهڻي ڪهڻي کسڻ جو هڪ ڪڌو منصوبو آهي. هن چيو ته رياست ڄمون ۽ڪشمير جي اندر رهندڙ مسلمان، هندو، سک، ٻڌمت ڀ قومون ان سازش کان باخبر ٿي چڪيون آهن ??ه ڪهڙي طرح انهن ??ي زمينن تي ??بضو ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي ملڪ جي اندر ٻئي درجي جو شهري بڻايو آهي. هن چيو ته ڀارتي ??زيراعظم مودي هندوتوا جي انتهاپسنداڻي نظريي تي عمل پيرا آهي، ان جي ان قدم سان خطي ۾ امن جي ڪوششن کي نقصان پهتو آهي ۽ ب??امني کي هوا ملي آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته آئون گڏ??ل قومن خاص طور تي ??ي 5 ملڪن کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي ان ۾ مداخلت ڪن ۽ ڀارت کي روڪين، شق 370 ڪشميرين جي لاءِ ڪا اهميت نه ٿي رکي پر 35 اي جيڪو 1927ع جي قانون آئي ايل 84 تحت ڪشميرين کي انهن ??ي سڃاڻپ ڏني هئي، ان جي بحالي لاءِ ڪشميرين کي ان وقت تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي جيستائين ڪشميرين کي گڏ??ل قومن جي قراردادن تحت انهن ??ي خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي، جنهن ??حت ڪشميري پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهن.
5 آگسٽ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀارت جي يونين ٽيريٽري بڻائي ڇڏيو: سردار تنوير الياس
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔