ڪراچي-19 آڪٽوبر (اي پي پي)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري کاتي جي ??فاقي وزير ۽ چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شازيه عطا مري چيو آهي ته وزيراعظم محمد شھباز شريف جي ??لڊ ايمرجنسي ڪيش رليف تحت بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام اڄ تائين ڪل 26 لک 46 هزار ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ڪيش رليف جي امدادي رقم ورهائي وئي آهي، ان حساب سان سڄي ملڪ ۾ 66 ارب 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ورهائي وئي آهي. وفاقي وزيرشازيه مري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اڄوڪي ڏينهن تي وڌيڪ 5 ھزار خاندانن کي 25 هزار روپين ج?? امدادي رقم تقسيم ڪئي وئي. اھڙين ڳالهين ج?? اظهار ھن سندس ھڪ جاري بيان ۾ ڪيو آهي. ھن چيو ته هي رقم وزيراعظم پاڪستان جي ??لڊ رليف ڪيش اسسٽنس تحت ورهائي پئي وڃي ۽ ھيل تائين سنڌ جي 18 لک 12 هزار خاندانن ۾ 46 ارب رپيا ورهايا ??يا آهن. بلوچستان ج?? 2 لک 10هزار کان وڌيڪ متاثر خاندانن کي 5 ارب رپين کان وڌيڪ امداد ڏني وئي آهي جڏهن ته خيبر پختونخواهه جي 3 لک خاندانن کي 7 ارب 50 لک رپيا ادا ڪيا ويا. ھن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ 3لک 23 هزار خاندانن ۾ 8 ارب کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي، گلگت بلتستان ج?? 462 خاندانن کي 1 ڪروڙ 15 لک رپيا ڏنا ??يا جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رقم جي ??رھاست دوران شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي.
سڄي ملڪ ۾ 66 ارب 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ورهائي وئي، وزيراعظم جي فلڊ ايمرجنسي ڪيش رليف تحت بي آءِ ايس پي ڪل 26 لک 46 هزار ڪيش رليف جي امدادي رقم ورهائي: وفاقي وزير شازيه عطا مري
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری