اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف سکر – حيدرآباد موٽروي جو پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ سکر پهچي ويو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق سکر هوائي اڏي تي آبي وسيلن واري وفاقي وز??ر سيد خورشيد احمد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وز??ر سي?? مراد علي شاهه وز??را??ظم ۽ ساڻس گڏ آيل وفد جو استقبال ڪيو. وز??را??ظم پهريان سکر ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وز??را??ظم سکر ۽ حيدرآباد ۾ 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر – حيدرآباد موٽر وي ايم – 06 جو پيڙهه جو پٿر رکندو. سکر – حيدرآباد موٽر وي پشاور ڪراچي موٽر وي ( پي ڪي ايم) جو آخري حصو آهي جنهن بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽر ويز سان گنڍجي ويندا. ڄاڻايل منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 30 مهينن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وز??را??ظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.
مضمون کا ماخذ : بونانزا