اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگز??ب چيو آهي ته پنجاب جي مختلف ضلعن مان مسلم ليگ (ن) جي يوٿ ونگ جي عهديدارن جو اجلاس اڄ اربع ڏينهن 180 ايڇ ماڊل ٽائون لاهور ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت پارٽي جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مري?? نوازڪندي. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگز??ب چيو ته اجلاس ۾ يوٿ ونگ، سو??ل ميڊيا جي تنظيمي ڍانچي جو جائزو ورتو ويندو. نوجوانن کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي لاءِ تجويزون ورتيون وينديون. اجلاس ۾ يوٿ ونگ جا عهديدار يوٿ چارٽر جي تياري لاءِ پنهنجون تجويزون ڏيندا. هن چيو ته اجلاس ۾ يوٿ پاليسي تي مشاورت سميت سو??ل ميڊيا جي استعمال ۽ نوجوانن جي ڪردار تي به غور ٿيندو. چيف آرگنائيزر مري?? نواز يوٿ ڊيولپمينٽ پاليسي جي لاءِ پارٽي ترجيحون بيان ڪندي.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ