اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? آهي ته پا??ست??ن هنگري سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ هو هنگري سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپان کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنگري جي دوري جي موقعي تي پنهنجي ??م منصب سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، دوري دوران هنگري ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ پا??ست??ني شاگردن جي وظيفن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته سندس هنگري جو دورو پا??ست??ن ۽ هنگري جي وچ ۾ لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. پرڏيهي وزير دوري جي دعوت تي هنگري جي پنهنجي ??م منصب جا ٿورا مڃيندي چي?? ته هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ سهولتي ڪردار ادا ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته پا??ست??ن ۽ هنگري اڄ مفاهمت جي ٽن ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون آهن، جن مان هڪ راندين ۾ تعاون، سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون قائم ٿيندو، پا??ست??ن ۽ هنگري جي فارن سروس اڪيڊميون هڪ ٻئي جي سفارتڪارن کي تربيت فراهم ڪنديُون جڏهن ته ٽئين مفاهمتي ياداشت جو تعلق هنگري جي يونيورسٽين ۾ پا??ست??ني شاگردن جي لاءِ دستياب اسڪالرشپس کي وڌائڻ آهي. هن چي?? ته هنگري جي حڪومت جو هي قدم ساراهه جوڳو آهي. هن چي?? ته هنگري ٻطرفن لاڳاپن جي لاءِ اهو قدم کڻي مستقبل جي نسلن ۽ سفارتڪارن تي انويسٽ ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته پا??ست??ن ۽ هنگري جي وچ ۾ مفاهمت جي ان ياداشت جي نتيجي ۾ اسڪالرشپس جو انگ 2 سئو مان وڌائي 4 سئو ٿي ويندو. هن چي?? ته هاڻي پا??ست??ن ۽ پا??ست??ني شاگرد هنگري جون وڌيڪ اسڪالرشپس حاصل ڪندا ۽ اهو هڪ اشارو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چي?? ته پا??ست??ن ۽ هنگري جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي پڻ فروغ ڏنو ويندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڄ صحيح گڏيل مشاورت ٿي آهي جنهن سان مختلف موقعا پيدا ٿيندا. پرڏيهي وزير چي?? ته هنگري پا??ست??ن ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هنگري جي سفيرن جي سالياني ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪيو. سفيرن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته عالمي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. هن چي?? ته عالمي برادري کي متحد ٿيڻ گهرجي ۽ تڪرارن کان مٿانهون ٿي ڌرتيءَ تي موجود انسان کي ماحولياتي تبديلي جي صورت ۾ درپيش گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چي?? ته اسان کي سفارتڪاري ۽ امن جو رستو نه ڇڏڻ گهرجي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو هنگري اچڻ تي پا??ست??ن جي سفير آصف حسين ميمڻ ?? هنگري جي اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران هنگري جي ??م منصب سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. ان کان اڳ ٻنهي پرڏيهي وزيرن پا??ست??ن ۽ هنگري جي وچ ۾ تعاون جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون. ڪنهن به پا??ست??ني پرڏيهي وزير پاران هنگري جو هي پهريون سرڪاري دورو هو.
پاڪستان هنگري سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر