اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي وزيراعظم شيخ احمد نواف الصباح کي ٽيليفون ڪري عيدالفطر جي مب??رڪباد ڏني اهي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي رابطن ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم مي??يا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي پاڪستان پاران انهن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن کي ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ڪويت جي وزيراعظم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عيد جي مب??رڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڪويت ۽ پاڪستان هلندڙ سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي م??صد سان انهن کي بهترين انداز ۾ ملهائڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم پاران ڪويت جي وزيراعظم کي ٽيليفون، عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار