اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 12 کان 14 جولاءِ تائين انڊونيشيا جي شهر جڪارتا ۾ منعقد ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي 30 ه???? وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان م??جب اي آر ايف جي 27 ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ آسيان جو سيڪريٽري جنرل اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. وزارتي اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ايشيا پيسفڪ جي لاءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي ذريعي گڏيل حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺندو. جڪارتا ۾ پرڏيهي سيڪريٽري انڊونيشيا جي عملدارن ۽ اي آر ايف جي ميمبر ملڪن جي هم منصبن ۽ دورو ڪندڙ وزيرن سان م????قا??ون ڪندو. هو ان م??قعي تي ٿنڪ ٽينڪس، ڪاروباري اڳواڻن ۽ ميڊيا سان ??ڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. بيان م??جب اي آر ايف 1994ع ۾ قائم ڪيو ويو جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي بابت مسئلن تي ايشيا پيسفڪ جي ملڪن جي وچ ۾ مشاورت جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي. 2004ع ۾ اي آر ايف ۾ شموليت کان ??ٺي پاڪستان ??ورم جو هڪ فعال ميمبر رهيو آهي ۽ هو ب??قا??دگي سان ان جي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 12 کان 14 جولاءِ تائين جڪارتا ۾ منعقد ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم جي 30 هين وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا