اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو آهي، ته ڀارت گذريل 4 سالن کان انساني حقن جي بدترين خلاف ورزين جي انتها ڪري ڇڏي آهي. ڀارت طرفان هڪ طرفي ۽ غيرقانوني طور تي ڪشميرين کي انهن جي رياستي حيثيت کان محروم ڪرڻ کي اڄ 4 سال مڪمل ٿي رهيا آهن. وزيراعظم پنهنجي ??ڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته گذريل چئن سالن کان ڀارت انساني حقن جي بدترين خلاف ورزين جي انتها ڪري ڇڏي آهي، جيڪا غير مقامي ماڻهن جي آبادڪاري، جعلي ڊوميسائيلز جاري ڪرڻ، انٽرنيٽ جي بندش، ۽ ڄاڻ جي ??ڪمل بليڪ آئوٽ تائين محدود ناهي، پر ڪشميري قيادت کي قيد به ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي غيرقانوني ۽ غير اخلاقي قدمن سان غيرقانوني ڀارتي قبضي هيٺ ??مو?? ڪش??ير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل حيثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي بنيادي حق خواراديت کي مجروح ڪرڻ جي ??اپاڪ ڪوشش به ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اهڙن سڀني هڪ طرفن ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪري ٿو ۽ ڪشميرين جي ??نصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي ??ختي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان ڀارت کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ واريون ڪارروائيون واپس وٺي. تاريخ گواهه آهي ته طاقت، آزادي ۽ حق حاصل ڪرڻ واري باهه کي وسائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿي.
ڀارت جا غيرقانوني قدم رد ڪيون ٿا، پاڪستان ڪشميرين جي حمايت جاري رکندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : números quina hoje