اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي تيز تر ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي جي لا??ِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن معيشت کي ڊيجيٽل رخن تي قائم ڪرڻ ۽ خودڪار نظام جي لا??ِ سنگ ميل هوندي. هو ايشيا انٽرنيٽ ڪوليشن جي 3 رڪني وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ايشيا انٽرنيٽ ڪوليشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جيف پئين ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ ڊيٽا جي تحفظ، انٽرنيٽ تي مواد جي حوالي ??ان ضابطه اخلاق ۽ اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي ??ان حڪمت عملي ??ي ڳالهه ٻ??لهه ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي تيز تر ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي جي لا??ِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي انفراسٽرڪچر ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي حوالي ??ان حڪمت عملي ??ي عملدرآمد جاري آهي، حڪومت مصنوعي ذهانت تي ٻڌل بنيادي ڍانچي جي ترويج تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان مصنوعي ذهانت انفراسٽرڪچر جي حوالي ??ان پاڪستان کي خطي ۾ هڪ نمايان ملڪ بڻائڻ جي حوالي ??ان پرعزم آهيون، حڪومت جي ڊيجيٽل پاڪستان انيشي ايٽو تحت سڄي نظام کي ڊيجيٽائيز ڪيو پيو وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن معيشت کي ڊيجيٽل رخن ۽ خودڪار نظام طرف وٺي وڃڻ جي حوالي ??ان هڪ وڏو سنگ ميل هوندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل جي مسودي تي سمورين ڌرين سان مش??ور?? جاري آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ انفراسٽرڪچر جي فروغ جي لا??ِ ايشيا انٽرنيٽ ڪوليشن جي خدمتن کي ساراهيو. وفد وزيراعظم کي ايشيا انٽرنيٽ ڪوليشن جي پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جاري پنهنجي سروسز کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، تانيه ادروس ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
حڪومت ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي تيز تر ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس