اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ 28 پاڪستاني زائرين جون ميتون خصوصي جهاز ذريعي جيڪب آباد پهچايون ويون جتي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ پرڏيهي آفيس جي رابطا آفيس ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل عرفان سومرو ميتون وصول ڪيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايران ۾ 20 آگسٽ تي ٿيندڙ ان بس حادثي ۾ ??خم?? ٿيندڙ 16 پاڪستاني زائرين کي به انهي خصوصي جهاز ذريعي واپس آ??دو ويو آهي. وطن واپسي کان اڳ يزد ايئرپورٽ تي گورنر مهران فاطمي ۽ امام جمعه ميتن ک?? روانو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ايراني عملدارن جا ٿورائتا آهيون جو انهن پاڪستاني زائرين حادثي متاثرين کي ريسڪيو ڪيو ۽ انهن جي وطن واپسي ۾ مڪمل معاونت ڪئي. هن حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ د??ا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : loteria estadual