اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشتگردي جي فتني کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ آخري دم تائين ڪوششون جاري رکنداسين، قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري لاهور ۾ ڪيپٽن محمد علي قريشي شهيد جي گهر ويو ۽ ش??يد جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪيپٽن محمد علي قريشي گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ شهيد ٿي ويو هو. صدر آصف علي زردا??ي ڪيپٽن محمد علي قريشي شهيد جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. صدر آصف علي زردا??ي ڪيپٽن محمد علي قريشي جي خدمتن ۽ بهادري کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون همدرديون شهيد جي گهرڀاتين سان گڏ آ??ن. ??ن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪي??رن ئي نوجوانن جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿي. صدر چيو ته دهشتگردي جي فتني کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ آخري دم تائين ڪوششون جاري رکنداسين. صدر آصف علي زرداري شهيد ڪيپٽن جي گهرڀاتين جي حب الوطني ۽ ايثار جي جذبي کي ساراهيو. هن چيو ته قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. صدر آصف علي زردا??ي ڪيپٽن محمد علي قريشي جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.
دهشتگردي جي فتني کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ آخري دم تائين ڪوششون جاري رکنداسين: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار