پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي جو امن اسان جي ترجيحن ۽ اڄ جي جرڳي جي هڪ ئي ايجنڊا آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد جرڳي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهو جرڳو منعقد ڪرڻ تي جتي صوبائي حڪومت جو آئون ٿو??ائتو آهيان اتي ??فا??ي گهرو وزير محسن نقوي جي آمد تي سندس خصوصي طور ٿو??و مڃيان ٿو. هن چيو ته مان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جو به ٿو??ائتو آهيان جن اهو جرڳو منعقد ڪيو. هن چيو ته اسان جا س??اسي اختلاف موجود آهن، هن خطي ۾ افغانستان جو مسئلو اسان جي آڏو آهي، جتي عالمي برادري ڳا??هين سان مسئلي جي حل تي متفق ٿي. خيبر ضلعي جي حوالي سان هن چيو ته اسان وٽ وقت گهٽ آهي ۽ اسان کي سڀني کي ڳا??هين تي راضي ڪرڻو ۽ مسئلي جو حل ڪڍڻو آهي جيڪي ماڻهو هن ملڪ جي آئين ۽ قانون کي تسليم ڪن ٿا انهن سان ڳا??هيون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ڪجهه مطالبا صوبائي حڪومت جا هوندا ڪجهه ??فا??ي حڪومت جا هوندا، هتي وڏو وزير ويٺو آهي ۽ گهرو وزير به ۽ سياسي قيادت به اسان کي ان مسئلي جو حل ڪڍڻو آهي، هن چيو ته امن جي صورتحال خراب آهي، صوبي جا ڪيترائي علائقا اڄ به نوگو ايرياز آهن اسان سڀني کي متحد ٿي هن صوبي کي امن ڏيڻو پوندو.
اسان سڀني کي متحد ٿي هن صوبي کي امن ڏيڻو پوندو: گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو