اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڪاب??نا ميمبرن ج?? راءِ جي روشنيءَ ۾ رائيٽ سائزنگ ڪميٽي جي مختلف وزارتن ۽ کاتن ۾ رائٽ سائزنگ جي سفارشن جو جائزو وٺي وفاقي ڪاب??نا ۾ ٻيهر رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ت?? ڄاڻايل ڪميٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪامرس، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ نيشنل ??وڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ۽ ا??هن سان لاڳاپيل ادارن ۾ رائٽ سائزنگ لاءِ ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪُجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪاب??نا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو، وفاقي ڪاب??نا ۾ حڪومت ج?? رائٽ سائزنگ جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي واپار واري وزارت، هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت، نيشنل ??وڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت ۽ ا??هن سان لاڳاپيل ادارن ج?? رائٽ سائيزنگ جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون. ڪميٽي ڄاڻايل وزارتن جي ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪجهه ادارن کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڪميٽي ا??هن وزارتن جي سيڪريٽريٽ ۾ عملي جون پوسٽون 30 سيڪڙو گهٽائڻ جي به تجويز ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ا??هن سفارشن جي منظوري کانپوءِ قومي خزاني کي 42.1 ارب رپين جي بچت جو امڪان آهي. ڪاب??نا ميمبرن ا??هن تجويزن ت?? پنهنج?? راءِ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪاب??نا جي ميمبرن ج?? راءِ جي روشني ۾ ا??هن وزارتن ج?? رائٽ سائزنگ بابت سفارشن ۽ ان ت?? عملدرآمد جو جائزو ورتو وڃي ۽ رپورٽ ٻيهر وفاقي ڪاب??نا ۾ پيش ڪئي وڃي. وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي وفاقي ڪاب??نا کي پارا چنار جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پارا چنار ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ ان حوالي سان وفاقي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون گڏيل طور تي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيون آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پارا چنار مان مريضن کي ٻين شهرن ڏا??هن منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي استعمال هيٺ هيلي ڪاپٽر مخصوص ڪيو ويو آهي. جڏهن ت?? پارا چنار جي سمورن اسپتالن ۾ ضروري دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو ويو آهي.
وزيراعظم پاران رائيٽ سائزنگ ڪميٽي جي سفارشن جو جائزو وٺي وفاقي ڪابينا ۾ ٻيهر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز