جڪا??تا-08 نومبر (اي پي پي) انڊوني??يا اسرائيلي فوج جي ترجمان جي انهن بيانن جي ترديد ڪئي آهي ته جن ۾ چيو ويو هو ته غزه ۾ انڊوني??يا جي مالي مدد سان تيار ٿيندڙ هڪ اسپتال جي هيٺان حماس جون سرنگه??ن آهن ۽ هي راڪيٽ حملن لاءِ هڪ پليٽ فارم سان جڙيل آهن. سعودي خابرو اداري موجب اتر غزه جي پٽي ۾ واقعي هي اسپتال انڊوني??يا جي فنڊزن ٺاهيو ويو هو، انڊونيشا جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته غزه ۾ انڊونيشي اسپتال هڪ اهڙي سهولت آهي جيڪا اسان جي عوام انساني همدردي تحت غزه ۾ فلسطيني عوام جي طبي ضرور??ن کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجم??ن اقبال محمد چيو ته غزه ۾ اسپتال جي هيٺان سرنگهن جي موجودگي جو اسرائيلي الزام ڪوڙ آهي، اسپتال کي هلائڻ واري تنظيم (ايم اي آر – سي) ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ته اسپتال حماس جي استعمال هيٺ هئي، هي بي??ن اسرائيلي فوج جي ترجمان ڊينيئل هاگري جي اعلان کانپوءِ هڪ ڏينهن بعد ۾ سامه??ن آيو جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي هئي ته اسپتال هڪ اهڙي جڳهه تي ٺاهيوويو آهي جيڪو حماس جي سرنگهن جي نيٽ ورڪ کي لڪائي ٿو، هن چيو هو ته حماس اسرائيل تي راڪيٽ فائر ڪرڻ لاءِ ويجهي جڳهه کي اڏي طور استعمال ڪري رهي آهي.
غزه ۾ اسپتال جي هيٺان سرنگهن جي موجودگي جو اسرائيلي الزام ڪوڙو آهي: انڊونيشيا
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل