ماپوتو-11 اپريل (اي پي پي) موزمبيق ۾ ڪالرا جي خوف کان ڀڄندڙ 96 ماڻهو ٻيڙي ٻڏڻ سبب فوت ٿي ويا. اي ايف پي مقامي عملدارن جي حوالي سان ٻڌايو ته ??فريقي ملڪ موزمبيق جي اترين سامونڊي پٽي تي هڪ ٻيڙي ٻڏڻ سب?? 96 ??ڻا فوت ٿي ويا. نمپولا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ جائم نيتو چيو آهي ته ??ڪثر ماڻهو ڪالرا جي باري ۾ غلط ڄاڻ سبب خوف جو شڪار هئا جنهن سبب ڀڄڻ جي ڪ??شش ڪري رهيا هئا. هن چيو ته ٻيڙي ۾ تقريبن 130 ڄڻا سوار هئا. هن چيو ته ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، هي مسافرن کي کڻي وڃڻ لاءِ موزون نه هئي ان لاءِ ٻڏي وئي، ان ۾ 91 ڄڻا پ??هنجي زندگين تان هٿ ڌوئي ويٺا، مري ويلن ۾ ٻار به شامل آهن. موزمبيق جي سرڪاري انگن اکرن ڏکڻ آفريقي ملڪ موزمبيق جيڪو دنيا جي غريب ترين ملڪن مان هڪ آهي، ۾ آڪٽوبر کان هن وقت تائين پاڻي مان پکيڙيل بيماري سبب تقريبن 32 هزار ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته 15هزار ڪيس رپور?? ٿيا آهن.
موزمبيق ۾ ڪالرا جي خوف کان ڀڄندڙ 96 ماڻهو ٻيڙي ٻڏڻ سبب فوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی