ڪويت سٽي-07 آگسٽ (اي پي پي) ڪويت جي واپار وار?? وزارت نئون قانون ??ار?? ڪيو آهي جنهن جي تحت خانگي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن تي ڪاروبار ڪرڻ يا ڪنهن به ڪاروبار ۾ ڀائيوار ٿيڻ تي پابندي هوندي. هڪ خابرُو اداري موجب واپار وار?? وزارت گذريل ڏينهن چيو آهي ته نئين قانون مطابق رڳو اهي پرڏيهي ڪويت ۾ ڪاروبار ڪري سگهن ٿا يا ڪنهن ڪاروبار ۾ ڀائيوار ٿي سگهن ٿا، جن وٽ سيڙپ وارو اقامو هوندو. ??زا??ت ليبر قانون تحت شق 19هين ۾ به ترميم ڪئي آهي، جنهن جو تعلق پرڏيهي سيڙپڪارن سان آهي. ڪويت جي واپار وار?? وزارت چيو آهي ته انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪويت ۾ ترسيل 10 هزار پرڏيهي جيڪي خانگي شعبي سان واڳيل آهن اهي 45 هزار واپاري لائسنس جا مالڪ آهن يا ڪنهن نه ڪنه?? حد تائين واپار ۾ ڀائيوار آهن. ??زا??ت چيو ته نئون قانون منظور ٿيڻ بعد اهي سمورا واپاري لائسنس رد ڪيا ويندا. جن ۾ شق 19 جي زمري ۾ نه ايندڙ پرڏيهي يا ڪاروبار ۾ ڀائيوار مالڪ هوندا. ??زا??ت ڪاروبار ڪندڙن ۽ شق 19 جي زمري ۾ نه ايندڙ پرڏيهين کي هدايت ڪئي آهي، ته جيڪڏهن اهي ڪاروبار ??ار?? رکڻ چاهين ٿا ته اهي پنهنجي قانوني حيثيت درست ڪن يا ڪاروبار ختم ڪن.
ڪويت ۾ خانگي ملازمن جي ڪاروبار ڪرڻ تي پابندي لاڳو، نئون قانون جاري
مضمون کا ماخذ : گرم گرم