دوشنبي – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف خاص طور تي واپار، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. قصر ملت ۾ وفدن جي سطح تي اجلاس جي صدارت ڪندي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ حڪومت ۽ عوام جي سطح تي ويجهي حصيداري تي زور ڏنو. وزيراعظم ڪاسا 1000 شروع ڪرڻ واري تقريب ?? شرڪت جي لاءِ ٽپهر هتي پهتو هو تقريب اڄ خميس ڏينهن ٿيندي. وزيراعظم نواز شريف اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان وچ ايشيا خاص طور تي تاجڪستان سان ??نه??جي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو.
مضمون کا ماخذ : کڑک