چترال – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان سڀ گڏجي ??اڪ??تان جي خدمت ڪنداسين، مخالفن جي پروپئگنڊه جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ترقي جو سفر جاري رکنداسين، چترال سان دل جي گهراين سان محبت ڪريان ٿو. عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون کي چترال جي عوام سان ايترو ئي پيار آهي جيترو هو مون سان ڪري ٿو. هن چيو ته لواري ٽنل کانسواءِ 17 ارب رپيا رستن جي ??عم??ر تي پڻ خرچ ٿيندا. هن چيو ته اسان جي دلين ۾ بغض نه آهي جنهن کي جيترو مينڊيٽ مليو ان جو احترام ڪريون ٿا، بغض هجي ها ته صوبن ۾ حڪومت ٺاهي سگهياسين پئي. هن چيو ته احتجاجي سياست ڪندڙن کي عوام هر جاءِ تي رد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته چترال ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ٺهنديون. هن چيو ته علائقي ۾ اسپتال جي ??عم??ر جي لاءِ وزيراعظم هيلٿ پروگرام تحت 250 بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺاهي وين??ي جنهن جي ??عم??ر جلد شروع ٿيندي ۽ اڪثر منصوبا 2018ع تائين مڪمل ??ي ويندا.
اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم