اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) سڄي مل?? ۾ 77 هون يوم پاڪستان انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ڏينهن جو آغاز فجر جي نماز کانپوءِ مل??ي سلامتي استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن س??ن ٿيو، وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21 ،21 توپن جي سلامي ڏني وئي. جڏهن ته سمورين اهم سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، لاهور ۾ علامه اقبال رحه جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب منعقد ٿي ۽ پاڪ فضائيه جي دستي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا، يوم پاڪستان جي موقعي تي سڄي مل?? ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو هو، صدر ممنون حسين، وزيراعظم محمد نواز ??ريف يوم پاڪستان جي مناسبت سان خصوصي پيغام جاري ڪيا، جڏهن ته قومي اخبارن 23 مارچ جي حوالي سان خصوصي ايڊيشن شايع ڪيا ۽ ريڊيو، ٽي وي تي خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويا.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز