ڪراچي – 21 ??ئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته عوام کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻين تي دارومدار ڪرڻ بدران پنهنجي اندر خوداعتمادي پيدا ڪرڻ گهرجي، اهڙي ئي طرح معاشري ۽ رياست پاران لاڳو ٿيندڙ ذميوارين جي ادائيگي ۾ پڻ ڪا ڪو??اهي نه ڪرڻ گهرجي. صدر اها ڳالهه زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ وفدن سان ڳالهائيندي چئي. وفدن ۾ قانوندانن، تعليمي ماهرن ۽ دانشورن سميت معاشري جا نمائنده ماڻهو شامل هئا. صدر چيو ته قومي ترقي کي حقيقي بنياد تعليم فراهم ڪري ٿي، ان لاءِ ضروري آهي ته تعليمي ادارن ۾ معياري نطم ۽ ضبط قائم ??ئي ۽ تعليم جي معاملي ۾ ڪنهن به ڪو??اهي کان ڪم نه ورتو وڃي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج