اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ اد??ي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف کي پارٽي صدر جي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو پاناما فيصلي جي هڪ ٻي ڪڙي آهي ۽ هي اهو ئي ف??صلو آهي جنهن جي اسان اميد ڪري رهيا هئاسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته سينيٽ جي چونڊن جي حوالي سان به هڪ ڳالهه چوڻ چاهينديس ته پارليامينٽ ته ان ۾ پنهنجو ڪردار اد?? ڪيو آهي ان ۾ هر اد??ري کي پنهنجو ڪردار اد?? ڪرڻو آهي ڇو ته سينيٽ چونڊون ملتوي ٿيڻ يا دير جو شڪار ٿيڻ جمهوريت ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ مناسب نه آهي.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ