لاهور – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم بلدياتي نظام جي لاءِ ٽي بنيادي اصول طئي ڪيا آهن، بلدياتي نظام بااختيار هوندو، چو??ڊون سڌوسنئون ٿينديون ۽ اهو نظام سادو هوندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري ??يو ته اجلاس ۾ بلدياتي نظام جي حوالي سان تفصيلي بحث ڪيو ويو. وزيراعظم بلدياتي نظام جي لاءِ ٽي بنيادي اصول طئي ڪيا آهن، پهريون – بلدياتي نظام بااختيار هوندو يعني جيڪو نمائندو چو??ڊجي ايندو اهو بااختيار هوندو، ٻيو – بلدياتي چو??ڊون سڌوسنئون ٿينديون ۽ ٽيون – اهو نظام سادو هوندو. هاڻي ان موجب ان تي قانونسازي ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ