اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصر پاڪ فوج کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن، فوج نه هجي ها ته پاڪستان جو حال به عراق، اف??انستان، يمن ۽ شام سميت ٻين مسلمان ملڪن وانگر هجي ها، اڳوڻي?? حڪومتن عوام جي ڏنل مينڊيٽ سان کليل بدديانتي ڪئي، ادارن ۾ پنهنجي پسند جي ماڻهن کي ويهاري اهڙو نيٽ ورڪ ٺاهيو جيڪو بدعنوانين ۾ انهن جي لاءِ سهولتڪاري ڪندو هو، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ بدر??ن اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ ??ي اڳتي وٺي ويا. پي ٽي وي جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ ان جي سڄي فيملي ڪاروبار ڪندي هجي اهو ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو، اڳوڻي?? حڪومتن تعليم ۽ صحت جي شعبن سميت عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪو ڪم نه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں