اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ ڊينم??رڪ فوسل فيولز تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪچري مان توانائي پيدا ڪرڻ ۽ ڪچري کي موثر طور تي ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ تجربن مان فائدو کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊينم??رڪ جي سفير لي?? روزن هوم هتي پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم ايڇ مانڊوي والا سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافي جي امڪانن جو جائزو ورتو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مستحڪم بڻائڻ تي زور ڏنو ڇو ته هن وقت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو گهربل سطح تي نه آهي، هن سفير کي چيو ته ڊينم??رڪ جي ڪمپنين کي پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ متوجهه ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ کيس پا??ست??ن ۾ پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، ڊينم??رڪ جي سفير ڊپٽي چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪندي چيو ته پارلياماني وفدن جي ٻه طرفي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي.
پاڪستان ۽ ڊينمارڪ ۾ تجربن مان فائدو کڻڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena