اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي ڪري غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي، عوام تي م??ان??ائي جو بار گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، حڪومتي سبسڊي جو شفاف ۽ موثر استعمال موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وز??راعظم عمران خان پنهنجي صدارت ۾ معاشري جي ??ستحق ۽ غريب ماڻهن کي خوراڪ ۽ ٻين ضروري شين جي خريداري ۾ حڪومت پاران سڌي سنئين سبسڊي جي ف??اهمي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وز??ر ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت ۽ پيداوار وارو وز??ر حماد اظهر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وز??راعظم کي تجويز ڪيل احساس فوڊ اسٽيمپ پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وز??راعظم کي ڄاڻايل پروگرام جي ??قصدن ۽ طريقيڪار جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ان پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي ضروري شين جي خريداري ۽ حڪومت پاران سڌي سنئين سبسڊي ف??اهم ڪئي ويندي، سڌي سنئين سبسڊي جي ف??اهمي سان مستحقين تائين حڪومتي امداد سڌي سنئين، شفاف طريقي ۽ فوري طور تي ميسر ايندي، ان پروگرام جو مقصد اڻ سڌي سبسڊي جي ??ظام کان سڌي سنئين مالي مدد جو طريقيڪار اختيار ڪرڻ آهي، وز??راعظم کي پروگرام مان فائدو کڻندڙ خاندانن ۽ ماڻهن جي انگن اکرن ۽ شروعاتي ڪاٿو پيش ڪيو ويو. وز??راعظم تجويز ڪيل پروگرام کي ساراهيندي چيو ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي باوجود غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي. وز??راعظم چيو ته اسان جي ??ر ممڪن ڪوشش آهي ته غريب عوام تي م??ان??ائي جو بار گهٽ ڪيو وڃي، غريب عوام کي ريليف پهچائڻ اسان جي ذميداري آهي، اسان کي پنهنجي ذميداري جو مڪمل احساس آهي ۽ اسان ان کي پورو ڪرڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.
حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي ڪري غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج