اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شه??د ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پونيئرن سان رابطو ڪيو ۽ عظيم قرباني ۽ قوم جي لاءِ خدمتن تي شه??دن کي خراج تحس??ن پيش ڪيو ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جار?? بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي 6 ڊسمبر تي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شه??د ٿيندڙ ميجر راجا ذيشان جهانزيب ۽ ميجر محمد عرفان برچا جي پونئيرن سان افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 27 نومبر تي اتر وزيرستان ۾ شه??د ٿيندڙ فوجي جوانن جي گهرڀاتين سان پڻ ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ شه??دن جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شه??دن جي درجن جي بلند لاءِ دعا ڪئي. صدر لانس نائيڪ عارف ۽ نائيڪ رحمان جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ تعز??ت جو اظهار ڪيو. صدر 8 نومبر تي اتر وزيرستان ۾ شه??د ٿيندڙ سپاهي غفور جان جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. سوڳوار خاندانن سان تعز??ت جو اظهار ڪندي صدر عظيم قرباني ۽ قوم جي لاءِ خدمتن تي شه??دن کي خراج تحس??ن پيش ڪيو ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پونيئرن سان رابطو
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا