اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو ??هي ته پا??ستان ڀارت سان بامعنيٰ، تعميري ۽ نتيجا وارين ڳالهين لاءِ پرعزم آهي، افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو معاملو پا??يسري ملڪن ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي پارٽنرز سان مشاورت سان حل ڪيو ويندو. سي پيڪ ۾ سماجي ۽ اقتصادي منصوبن تي ڀرپور ڌنو پيو وڃي. پا??ستان خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين والاريل ڪشمير جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان چيو ته ابوظهبي ۾ حوثي باغين پاران ڊرون حملي ۾ فوت ٿيندڙ پا??ستاني جي ميت کي گذريل ڏينهن پا??ستان منتقل ڪيو ويو باچاخان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي او پي ايف عملدارن ميت وصول ڪئي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان فوت ٿيندڙ پا??ستاني جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، حوثي باغين جي حوالي سان ترجمان چيو ته پا??ستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ ڪيل سمورين ڪوسشن جي حمايت ڪندو، سي پيڪ جي حوالي سان ترجمان چيو ته نومبر 2018ع ۾ وزيراعظم جي پهرين چين جي دوري کان سي پيڪ ۾ سماجي اقتصادي ترقي جي منصوبن تي ڀرپور ڌيان ڏنو پيو وڃي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته 27 منصوبا تڪميل جي مختلف مرحلن ۾ آهن، سي پيڪ منصوبن ۾ ٽيڪنالاجي، زراعت، سائنس ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون کي به شامل ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ وڏي انفرااسٽرڪچر منصوبن تي به ڪم جاري ??هي جڏهن ته جي سي سي ميگا انفرااسٽرڪچر منصوبن جي به توثيق ڪئي آهي، انهن ۾ آزاد پتڻ ۽ ڪوهاله هائيڊرو پاور جا منصوبا شامل آهن، انهن منصوبن سان پا??ستان جي فوڊ سيڪيورٽي ۽ توانائي جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، ترجمان 21 جنوري 1990ع گائو ڪدل سرينگر ۾ بي پناهه ڪشميرين جي قتل عام جي ورسي جي موقعي تي چيو ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ ڀارتي قابض فورسز ڀارتي ڏاڍ کان آزادي جو مطالبو ڪندڙ پرامن احتجاج ڪندڙ 52 بي گناهه ڪشميرين کي گائوڪدل سرينگر ۾ وحشياڻي طريقي سان قتل ڪيو هو، پا??ستان ڀارت جي ان وحشياڻي عمل خلاف ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ۽ واقعي جي ذميدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. اها ڳالهه انتهائي مذمت جوڳي ??هي ته ٽي ڏهاڪا گذرڻ جي باوجود ذميدارن جو احتساب نه ٿي سگهيو، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گذريل ست ڏهاڪن کان ڪشميري عوام ڀارتي رياست دهشتگردي جو شڪار آهي، تنهن هوندي به اها ڳالهه حوصلي واري ??هي ته عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تي آهستي آهستي ڌيان ڏئي رهي آهي، ترجمان عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته هو والاريل ڪشمير ۾ ظلم لاءِ ڀارت جو احتساب ڪري، هن چيو ته ڀارتي ظلم ۽ دهشت ڪشميري عوام جي حوصلن کي ڪڏهن به دٻائي نٿي سگهي، پا??ستان والاريل ڪشمير جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن کي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين سموري سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پا??ستان ڀارت سميت پنهنجي سمورن پا??يسري ملڪن سان پرامن ۽ دوستاڻي لاڳاپا چاهي ٿو، هن چيو ته پا??ستان ڀارت سان بامعنيٰ، تعميري ۽ نتيجا وارين ڳالهين لاءِ پرعزم آهي، تنهن هوندي به اها ذميداري ڀارتي حڪومت تي لاڳو ٿئي ته هو ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري.
پاڪستان ڀارت سان بامعنيٰ، تعميري ۽ نتيجا وارين ڳالهين لاءِ پرعزم آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی