سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سکر ۾ ٻوڏ متاثر??ن جي لاءِ هنيل ڪئمپ جو معائنو ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، بجلي وارو و??اقي وزير انجنيئر خرم دستگير به ساڻس گڏ هئا. جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زر??اري، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين سارسنڀال جي لاءِ لڳايل فري ميڊيڪل ڪئمپ جو دورو ڪرايو و??و. سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جي نمائندن ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ متاثر??ن جي بحالي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته ٻوڏ سبب انفراسٽرڪچر ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، متاثر??ن جي لاءِ 90 عمارتن ۾ عارضي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ميڊيڪل ٽيمون ۽ موبائيل اسپتالون به ڪم ڪري رهيون آهن. پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي متاثر??ن جي ڪافي مدد ڪئي آهي، ان کانسواءِ پاڪستان آرمي ۽ نيوي به ڀرپور مدد فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم کي متاثر??ن جي بحالي لاءِ کنيل قدمن ۽ ضرورتن بابت پڻ آگاهه ڪيو و??و.
وزيراعظم سکر ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هنيل ڪئمپ جو معائنو، ٻوڏ جي نقصانن، متاثرين جي بحالي جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena