تل ابيب -22 نومبر (اي پي پي) اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ چئن ڏينهن لاءِ جنگ بندي ۽ قيدي?? جي مٽاسٽا جو معاهدو ٿي ويو آهي. روس جي اخبار رشيا ٽوڊي جي رپورٽ مطابق اسرائيل جي ڪابينه ان معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ اسرائيلي هٿياربند فوج، ڳجها ادارا موساد ۽ شين بيت پڻ ا?? جي حمايت ڪئي آهي. معاهدي مطابق چار ڏينه?? جنگ بندي دوران حماس طرفان يرغمال بڻايل اسرائيلي فوجين ۽ شهرين مان 50 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي آزاد ڪيو ويندو ۽ حماس طرفان وڌيڪ اسرائيلي?? جي آزادي جي صورت ۾ جنگ بندي ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي. معاهدي مطابق حماس طرفان هر 10 اسرائيل?? جي آزادي جي صورت ۾ جنگ بندي ۾ هڪ ڏينه?? جي واڌ ٿي سگهندي. روس جي اخبار اسرائيلي سڌ سماءَ وارن ذريع?? جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته اسرائيلي حڪومت فوري طور تي حماس سان مٽاسٽا تحت آزاد ڪيل اٽڪل 150 فلسطيني ??يدي?? جي فهرست جاري ڪندي ج?? جي آزادي خلاف اسرائيلي شهرين کي اپيل ڪرڻ جي اجازت ڏني ??يندي. انهن فلسطيني ??يدين ۾ گهڻي ڀاڱي عورتون ۽ ٻار آه?? جن مان ڪنهن تي به اسرائيلي?? جي قتل جو الزام ناهي. اسرائيل جي سپريم ڪورٽ انهن اپيلن تي 24 ڪلاڪن اندر فيصلو ڪندي ۽ ان طرفان انهن فلسطيني ??يدي?? جي آزادي نه روڪڻ جي صورت ۾ اسرائيلي حڪومت ۽ حماس وچ ۾ جنگ بندي ۽ قيدي?? جي مٽاسٽا جي معاهدي تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو. اميد آهي ته معاهدي مطابق قيدي?? جي آزادي جي شروعات اڄ (خميس) کان ٿيندي. رپورٽ مطابق سينئر اسرائيلي اهلڪار اخبار هارٽز کي ٻڌايو ته اسرائيلي ڪابينه جي فيصلي کي اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز بشمول هٿياربند فوج، شين بيٽ ۽ موساد جي حمايت حاصل آهي. برطانوي خابرو اداري رائٽرز مطابق حماس طرفان 50 اسرائيلي عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪرڻ جي اميد آهي. پهرين يرغمالين کي اڄ تائين آزاد ڪري سگهجي ٿو. ٽائمز آف اسرائيل مطابق حماس طرفان وڌيڪ عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪرڻ يا 10 وڌيڪ اسرائيلي يرغمالن کي هر گروپ لاءِ هڪ ڏينهن لاءِ عارضي جنگ بندي جي توسيع ڪري سگهجي ٿي. اسرائيلي ڪابينه ۾ معاهدي تي ووٽنگ کان پهرين وزيراعظم بين??من نيتن يا وزيرن کي ٻڌايو ته معاهدي کي قبول ڪرڻ هڪ ڏکيو پر درست فيصلو هو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اسرائيل عارضي جنگ بندي کان پوءِ حماس سان پنهنجي جنگ جاري رکندو. هن چيو ته اسا?? جنگ جي حالت ۾ آهيون ۽ پنهنجا سڀئي هدف حاصل ڪرڻ تائي?? جنگ جاري رکنداسين. اسرائيل جي ڪابينه جي اجلاس کان ڪجهه ڪلاڪ پهرين، حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه تصديق ڪئي هئي ته حماس اسرائيل سا?? جنگ بندي جي معاهدي جي ويجهو آهي جڏهن ته آمريڪي صدر جوبائيڊن صحافين کي ٻڌايو ته سڀئي ڌريون معاهدي جي تمام ويج??و پهچي چڪيون آهن.
اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ چئن ڏينهن لاءِ جنگ بندي ۽ قيدين جي مٽاسٽا جو معاهدو ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ