گڏيل قو??ون-20 نومبر (اي پي پي) گڏ??ل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس هڪ ڀيرو ٻيهر غزه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته عالمي صحت واري اداري 4 ڏينهن کان اسرائيلي ڏاڍ جو نشانو بڻجندڙ غزه جي الشفا اسپتال کي ڊيٿ روم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گڏ??ل قومن جي ٻين ادارن ??ي عهديدارن ??ه سيڪريٽري جنرل جي ان اپيل جي حمايت ڪئي آهي، جنهن ۾ غزه جا 23 لک رهواسي خاص طور تي اسرائيلي فوجي ڪاررواين سبب بي گهر ٿيل 17 لک فلسطينين لاءِ حالتن کي بهتر بنائڻ جو چيو ويو آهي. سيڪريٽر جنرل طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن جنگ ۾ عورتن ۽ ٻارن ??ميت عام شهرين جي فوت ٿيڻ جي تعداد حيران ڪُن ۽ ناقابل قبول آهي. ان فوجي ڪاررواين کي فوري طور تي روڪڻ گهرجي. مان هڪ ڀيرو ٻيهر انساني همدرديءَ جي بنياد تي غزه ۾ جنگبنديءَ جي اپيل ڪريان ٿو. گڏ??ل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران ٿيندڙ واقعن پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ اسڪولن ۾ پناهه وٺ??دڙ هزارين شهرين جو قتل الشفا اسپتال ۾ پناهه وٺ??دڙ هزارين شهرين جون جانيون بچائڻ لاءِ ڀڄڻ، لکين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏڻ، سمورن ??ين الاقوامي قانونن جي وڏي پيماني تي خلاف ورزي ۽ جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچن ٿا.
گڏيل قومن جي سربراهه جو هڪ ڀيرو ٻيهر غزاه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار