بيروت-07 آڪٽوبر (??ي پي پي) گڏيل قومن چيو آھي ته اسرائيل جا لبنان تي حملا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھن، انهن حملن ۽ بمباري سبب آبادين کي نشاڻو بڻايو پيو وڃي. پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي پناھگرين واري شعبي جي سربراه فليپو گرينڊي بيروت ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسرائيل طرفان لبنان تي حملن ۽ بم ڌماڪن سبب شهري آبادي کي نشاڻو بڻايو پيو وڃي، اھا سراسر عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھي، حملن جي نتيجي ۾ شھري شھيد ۽ علائقي ??و انفراسٽرڪچر (بنيادي ڍانچو) تب??هه ٿي رھيو آھي. ھن چيو ته سموريو?? ڌريون غزه ۽ لبنان ۾ ان تباھي کي روڪين، هڪ اندازي مطابق لبنان ۾ اسرائيلي بمباري سبب ھيستائين 12 لک شھري لڏپلاڻ تي مجبور آھن. جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش غزه ۾ اسرائيلي جنگ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ امن جي اپيل جو ورجاءُ ڪيو آهي. پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ هن چيو آهي ته 7 آڪٽوبر غزه ۾ اسرائيل طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي جي خوفناڪ واقعن تي قدرتي طور تي ڌيان ڏيڻ جو ڏينهن آهي. هن سمورن متاثرن ۽ سندن پيارن سان پنهنجي يڪجهتي ??و اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي سربر??هه لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۽ بمباري تي پڻ ڳڻتي ??و اظهار ڪيو جنهن سبب هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 10 لک کان وڌيڪ پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته گذريل سال غزه ۾ اسرائيل جي خوفناڪ حم??ن کانپوءِ شروع ٿيل جنگ انساني زندگين کي تب??هه ڪري ڇڏيو آهي ۽ عزه ۾ فلسطينين ۽ هاڻي لبنان جي ماڻهن کي شديد انساني ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. واضح رهي ته غزه ۾ اسرائيلي جارحيت دوران 41825 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻار شامل آهن. جنگ دوران 17 لک کان وڌيڪ ماڻهو مقامي طور تي بي گهر ٿي چڪا آهن.
لبنان تي اسرائيل جي بمباري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت