گڏيل ??ومون- 18 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل ??ومن ج?? جنرل اسيمبلي حق خود ??راديت جي توثيق بابت پاڪستان طرفان پيش ڪيل ??راردادن جي متفقه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قرارداد جي متن جي سفارش گذريل ??هيني سماجي، انساني ۽ ثقافتي مسئلن بابت گڏيل ??ومن جي 193 رڪن?? جنرل اسيمبلي جي ٽئين ڪميٽي ڪئي هئي. گڏيل ??ومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن قومي خابرو اداري ؟اي پي پي“ جي نمائندي کي هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته قرارداد هڪ اهڙي دنيا جو تصور پيش ڪري ٿي جتي هر قوم، هر برادري ۽ هر ماڻهو عزت سان، ڏاڍ کان آزاد ۽ پنهنجي تقدير جو پاڻ تعين ڪرڻ لاءِ بااختيار هجي. پاڪستان 1981ع کان اها قرارداد پيش ڪري رهيو آهي ته جيئن دنيا جو ڌيان انهن ماڻهن سميت فسلطين ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي ڇڪرائي سگهجي، جيڪي هاڻي به پنهنجي فتح نه ٿيڻ جوڳي خود ??راديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. 65 ملڪن جي تعاون سان پيش ڪيل ان قرارداد ۾ ملڪن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو فوري طور تي غير ملڪي فوجي مداخلت ۽ پرڏيهي ملڪن ۽ علائقن تي قبضي سان گڏوگڏ ڏاڍ، امتيازي سلوڪ ۽ بدسلوڪي جي ڪارروائي کي روڪين. پاڪستاني نمائندي نشاندهي ڪئي ته عوام جي خود ??راديت واري حق جي عالمي احساس جي باري ۾ پاڪستان طرفان پيش ڪيل ??رارداد جي منظوري حق خود ??ردايت جي عالميگر ۽ ناقابل ورهاڱي واري نوعيت کي واضح ڪري ٿي. هن چيو ته هي قرارداد انهن ماڻهن جي جذبي جي احترام ڪري ٿ?? جن ڏاڍ خلاف مزاهمت جاري رکي آهي ۽ مستقل قبضي ۾ رهندڙ جهڙوڪ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ماڻهن لاءِ يڪجهتي ۽ حمايت جو هڪ طاقتور پيغام آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته حق خود ??رادايت رڳو تاريخ يا موجوده پل جو معاملو ناهي پر اهو مستقبل جي جوڙجڪ جي باري ۾ آهي. ان جي شرطن تحت قرارداد جنرل اسيمبلي جي غير ملڪي فوجي مداخلت، جارحيت ۽ قبضي جي ڪاررواين جي سخت مخالفت جو به اعلان ڪي??. ڇ??ڪاڻ ته ان جي نتيجي ۾ دنيا جي ڪجهه حصن ۾ ماڻهن جي خود ??راديت ۽ ٻين انساني حقن کي ڏاڍ ذريعي دٻايو ويو آهي. قرارداد ۾ ذميوار رياستن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو پرڏيهي ملڪن ۽ علائقن ۾ پنهنجي فوجي مداخلتن ۽ قبضي سان گڏوگڏ ڏاڍ، امتيازي سلوڪ، استحصال ۽ بدسلوڪي جي سموريون ڪارروايون فوري طور تي بند ڪن. جنرل اسيمبلي انهن لکين پناهگيرن ۽ بي گهر ماڻهن جي حالت تي به افسوس جو اظهار ڪيو جيڪي انهن ڪاررواين سبب بي گهر ٿيا آهن ۽ انهن جي حفاظت ۽ عزت سان رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ جي حق جي توثيق ڪئي. قرارداد ۾ انساني حقن جي ڪائونسل تي زور ڀريو ويو ته هو انساني حقن جي ڀڃڪڙين خاص طور تي پرڏيهي فوجي مداخلت، جارحيت يا قبضي جي نتيجي ۾ حق خود ??راديت تي خصوصي ڌيان ڏي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران پاڪستان طرفان پيش ڪيل عوام جي حق خوداراديت جي توثيق تي ٻڌل قرارداد جي متن جي منظوري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج