اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ سا?? گڏوگڏ ٻين ملڪن سان سياسي، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي تي ڌيان ڏنو وڃي. هن اها ڳالهه ڏکڻ آفريقا جي لاءِ نامز هاءِ ڪم??نر ڊاڪٽر سهيل خان سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر سهيل خان کي هاءِ ڪم??نر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ڏکڻ آفريقا سان 1994ع کان سفارتي لاڳاپا آهن، هن نامزد هاءِ ڪم??نر کي هدايت ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ واپار جي فروغ تي زور ڏي، صدر وڌيڪ چيو ته ڏکڻ آفريقا جي مينوفيڪچر??گ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تجربن ما?? فائدو کڻڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت