اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي ??ي پي) تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جو صدارتي اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي واضح اڪثريت سان 13 هون صدر چونڊجي ويو. سندس مقابلي ۾ مسلم ليگ (ن)، متح??ه مجلس عمل سميت ٻين اتحادي پارٽين جو اميدوار مولانا فضل الرحمان ٻئي نمبر جڏهن ته پيپلزپارٽي جي اميدوار اعتز??ز احسن ٽئين نمبر تي رهيو. صدارتي چونڊن جي لاءِ چئني صوبائي اسيمب??ين ۽ قومي اسيمبلي ۾ پولنگ ٿي.انهن ايوانن کي باقاعده رٿن ذريعي پولنگ ايجنٽ طور استعمال جي منظوري ورتي وئي هئي. پولنگ جي شروعات صبح 10 وڳي ٿي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي ٽ??هر چار وڳي تائين جاري رهي. قومي اسيمبلي هال ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے