ڪراچي – 04 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عوام جي ملڪيتن کي نقصان ??هچايو ويو آهي، اعليٰ عدليه جي ججن، پاڪ فوج ۽ حڪومت جي خلاف تقريرون ڪيون ويون آهن، حڪومت ان کي نظرانداز نه ڪندي، ڌرڻن ۽ مظاهرن دوران جن ما??هن جي ملڪيتن کي نقصان ??هتو آهي انهن جو ازالو ٿيڻ گهرجي، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي احتساب جي لاءِ مينڊيٽ مليو آهي، احتساب تي ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي، نالا کڻڻ کانسواءِ جڏهن چيو وڃي ٿو ته چورن ۽ ڦورن کي جيلن ۾ وڌو ويندو ته ڪجهه ما??هو ناراض ٿي وڃن ٿا، عوام وزيراعظم عمران خان تي اعتماد ڪري ٿي، خيبرپختونخواهه وانگر هاڻي سنڌ ۾ به منفي سياست جو خاتمو ڪيو ويندو، ڪراچي جي عوام کي پاڻي جو وڏو مسئلو درپيش آهي، وفاقي حڪومت ان ??سئلي جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انصاف هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
عوام جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر