اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جا 10 سيڪڙو ملڪ 80 سيڪڙو ماحولياتي تبديلين جا ذميوار آهن، دنيا کي ماحوليات جي مسئلن کي منهن ??يڻ جي لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، 2030ع تائين پاڪستان 60 سيڪڙو قابل تجديد توانائي تي منتقل ٿي ويندو، 30 سيڪڙو ٽرانسپورٽ اليڪٽريڪل وهي??ل تي منتقل ٿي ويندي، 2023ع تائين اٽل هڪ ارب تمر جا وڻ لڳائڻ جو هدف آهي، تمر جا وڻ سڀ کان وڌيڪ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ اوڀر شاداب قدم سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته ماحولياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ??يڻ جي لاءِ ان سربراهه اجلاس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. دنيا جا 10 سيڪڙو ملڪ 80 سيڪڙو ماحولياتي تبديلين جا ذميوار آهن. بدقسمتي سان پاڪستان ماحولياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان ۾ گذريل 10 سالن دوران ڏيڍ سئو کان وڌيڪ سخت موسمياتي تقدرتي آفتون آيون آهن جنهن سان 3.8 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. هن ??يو ته حڪومت موسمياتي تبديلين کي منهن ??يڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻ?? رهي آهي. 2030ع تائين پاڪستان 60 سيڪڙو قابل تجديد توانائي تي منتقل ٿي ويندو. 30 سيڪڙو ٽرانسپورٽ اليڪٽريڪل وهي??ل تي منتقل ٿي ويندي. هن ??يو ته اسان 24 سئو ميگاواٽ جي ڪوئلي جي منصوبن کي ختم ڪيو آهي ۽ انهن جي جڳهه تي 37 سئو ميگاواٽ پن ب??لي جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، هاني ملڪ ۾ ڪوئلي سان ب??لي ٺاهڻ جو ڪو نئون منصوبو شروع نه ڪيو ويندو. اسان فطرت تي ٻڌل هل تي ڌيان ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي. هن ??يو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي مينگروز پوکيا پيا وڃن، 2023ع تائين اٽڪل هڪ ارب مينگروز جا وڻ لڳايا ويندا. تمر جا وڻ سڀ کان وڌيڪ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وبا دوران اسان نيشنل پارڪس ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. ماحوليات جي تحفظ بابت 85 هزار نوڪريون فراهم ڪيون ويون آهن جڏ??ن ته ايندڙ سال 2 لک نوڪرين جا موقعا پيدا ڪيا ويندا. عمران خان چيو ته اسان بنجر زمينن کي آباد ڪر?? رهيا آهيون. زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ بهتري جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. هن ??يو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو ماحولياتي تبديلين کان تحفظ جي لاءِ 44 سيڪڙو سيڙپڪاري ڪر?? رهيو آهي جنهن ??ي عالمي بئنڪ ساراهيو آهي ۽ پاڪستان کي ان حوالي سان سيڙپڪاري ڪرڻ وارو نمبر ون ملڪ قرار ڏنو آهي جنهن پنهنجي ترقياتي سيڙپڪاري ماحوليات طرف منتقل ڪئي آهي. هن ??يو ته هڪ گرين ب??نڊز آهي جنهن سان پن ب??لي منصوبي جي لاءِ 5 سئو ملين ڊالر گڏ ڪيا. ٻيو بليو بانڊز آهي عالمي بئنڪ مينگروز جي ويليو ايشن ڪرير هيو آهي، انرجي ٽرانزيشن جو نظام جوڙيو آهي. هن ??يو ته انسانيت جو بحران درپيش آهي. عالمي گرمي پد ۾ روزانو اضافو ٿ?? رهيو آهي، دنيا کي ماحوليات جي مسئلن کي منهن ??يڻ جي لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. موسمياتيت بديلين جي ڪري سڄي دنيا ۾ گليشيئر تيزي سان پگهڙج?? رهيا آهن، اڄ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قدرتي آفتن جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان سميت هماليه جي ويجهو رهندڙ ملڪن کي سنگين خطرا درپيش آهن. گذريل سالن ۾ آسٽريليا، ڪيلي فورنيا سميت ٻين ملڪن ۾ غيرمتوقع ٻوڏ آئي آهي.
دنيا جا 10 سيڪڙو ملڪ 80 سيڪڙو ماحولياتي تبديلين جا ذميوار آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha