اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته لاهور ۾ رونما ٿيندڙ ??اق??و انتهائي افسوسناڪ آهي، ڪجهه امن مخالف قوتون هت?? اسپائيلرز جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي رهيون آهن، اهي نٿيون چاهين ته پاڪستان ۾ معاشي استحڪام هجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي گهٻرائڻ جي قطئي ضرورت نه آهي، اسان کي انهن عنصرن جو تدارڪ ڪرڻو آهي، ماضي ۾ به اسان جي قوم ۽ اسان جي هيروز انهن قوتن جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ کين شڪست ڏني آئنده به انشاءُ الله اهڙي طرح کين منهن جي کائڻي پوندي، اسان خطي ۾ امن ۽ امان جا خواهشمند آهيون. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي پاليسي، نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي معاشي ترقي آهي، اسان دهشتگردي جو مقابلو دانشمندي سان ڪنداسين ان حوالي سان اسان جي وچ ۾ قومي اتفاق ر??ءِ موجود آهي، اسان ان تي اڳتي وڌنداسين، پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير جي ??ورتحال توهان جي ??امهون آهي، اڄ برطانيه ۾ ”جنگي ڏوهن“ جو تذڪرو ٿي رهيو آهي، ڀارت تي نسل ڪشي جا الزام لڳي رهيا آهن ۽ دنيا ڀارتي ظلمن تي کلي ڳالهه ڪري رهي آهي، هن چيو ته اهي عنصر ڇو چاهيندا ته پاڪستان ۾ امن ٿئي، استحڪام ۽ معاشي ترقي ٿئي، ڪيترن ئي دهشتگگردي جي ??اق??ن جو پتو ٿيڻ کان پهرين لڳايو ويو ۽ جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويو، لاهور جي ??اق??ي جي ??ميواري جنهن گروپ قبول ڪئي آهي ڏسڻو اهو آهي ته ان جي پويان ڪهڙيون طاقتون آهن. کين تربيت ۽ اسلحو ڪٿان کان ملي رهيو آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ڪلڀوشن جو ڪيس ۽ انڪشاف توهان جي ??امهون آهن، اسان سفارتي حوالي سان هر فورم تي انهن عنصرن جي ??لاف آواز اٿاريو ۽ کين بي نقاب ڪيو ۽ آئنده به ڪندا رهنداسين. دهشتگردي جي ??لاف جامع حڪمت عملي موجود آهي ان تي اسان کي گامزن رهڻو آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته مخالف ڌر اهڙن قومي نوعيت جي معاملن تي اسان جو ساٿ ڏيندي. ڏکڻ پنجاب جي ??والي سان پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڏکڻ پنجاب جي ??وبي کي عملي جامو پارائڻ ل??ءِ اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ آئيني ترميم ل??ءِ اسان کي 2/3 اڪثريت گهربل آهي، ان حوالي سان مون شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي خط جي ??ريعي دعوي ڏني آهي ته هو ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام ل??ءِ گهربل آئيني ترميم جي ڏس ۾ اسان جو ساٿ ڏين ته جيئن ڏکڻ پنجاب جي ??وام جو پراڻو مطالبو پڄاڻي تي پهچي سگهي. پرڏيهي وزير چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته ڏکڻ پنجاب جي ??اڍا 3 ڪروڙ عوام جي مفاد کي نظر ۾ رکندي هو اسان جي ??عوت تي سنجيده رد عمل جو مظاهرو ڪندا ۽ اسان سان تعاون ڪندا.
لاهور ۾ رونما ٿيندڙ واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis