اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ت?? گادي واري شهر ۾ وڌندڙ آبادي ۽ اسلام آباد جي ت??ام گهڻي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ ڊگهيون عمارتون تعمير ڪرڻ ضروري آهي، ڪمرشل ۽ رهائشي منصوبن ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي سيڙپڪاري سان قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ هائي رائز (ڊگهين عمارتن) جي منصوبن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گادي واري شهر ۾ وڌندڙ آبادي ۽ اسلام آباد جي ت??ام گهڻي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ ڊگهيون عمارتون تعمير ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته حڪومت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ محفوظ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪري رهي آهي، ڪمرشل ۽ رهائشي منصوبن سان قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو جيڪو ٻين فلاحي ڪمن تي خرچ ڪري سگهبو. هن چيو ته گادي وارو شهر ملڪ جي سڃاڻپ هوند?? آهي، ان جي لاءِ اسلام آباد کي جديد سهولتن سان ليس شهر بڻائڻ?? آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ت?? زمينن جي وڪري ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ منصوبا مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيا وڃن. قبضي مافيا ۽ ناجائز قبضن جي خلاف قدمن ۾ تيزي آ??دي وڃي، اسلام آباد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم منصوبي ت?? ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ 3 هائي رائز عمارتن جي تعمير جي منصوباب??دي ٿي رهي آهي جن ۾ مجموعي طور تي اپارٽمينٽس جو انگ 14400 هوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شهرين خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سي ڊي اي جديد سهولتن سان ليس ون ونڊو سينٽر فعال ڪري ڇڏي?? آهي. ان سينٽر ۾ پراپرٽي جي منتقلي ۽ ٻين شهري سهول??ن بابت ڊيجيٽل پورٽل ميسر آهي جنهن سان مسئلن ۽ شڪايتن جي فوري حل ۾ مدد ملندي.
گادي واري شهر ۾ وڌندڙ آبادي ۽ اسلام آباد جي تمام گهڻي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ ڊگهيون عمارتون تعمير ڪرڻ ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ