اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي م??ڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي باوجود عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ??ڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، اهي قدم اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي عوام جو اعتماد حاصل آهي، ميمبر پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪن ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائين. ??زي??اعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي م??مبرن ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ شير اڪبر خان، سليم الرحمان، ظل هما، چوڌري عامر سلطان چيما، ملڪ عمر اسلم خان، عثمان خان ترڪئي، ارباب عامر ايوب، عمران خٽڪ، جاويد اقبال وڙائچ، عبدالمجيد خان نيازي ۽ نياز احمد جهڪڙ شريڪ ٿيا جڏهن ته خاص معاون ملڪ محمد عامر ڊوگر پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ميمبرن ??زي??اعظم تي ??ڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوامي ڀلائي جي لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن، ڪامياب پاڪستان پروگرام جي ذريعي نوجوانن، عورتن، غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي لاءِ بنا وياج قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، احساس پروگرام تحت رعايت راشن، تعليمي وظيفن، ايمرجنسي ڪيش، ماءُ ۽ ٻار جي واڌويجهه، خصوصي ماڻهن جي ڪفالت، پناهگاهن ۽ عورتن جي لاءِ سينٽر ٺاهيا ويا آهن. ??زي??اعظم چيو ته عالمي م??ڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي باوجود عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ??ڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، هي اهي سمورا قدم آهن جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي عوام جو اعتماد حاصل آهي. ??زي??اعظم قومي اسيمبلي م??مبرن کي پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائڻ جي تلقين ڪئي.
وزيراعظم سان قومي اسيمبلي ميمبرن جون ملاقاتون، عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ مسئلن جي فوري حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ