لاهور – 15 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪ??متي ۽ انتظامي معاملن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ڪنهن به معاشري جي تباهي جو سبب هوندو آهي، حڪ??مت ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، قومون تڏهن ئي ترقي ڪنديون آهن جڏهن انهن جا ادارا غيرجانبدار ٿي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن ٿا، سسٽم جي بهتري جي لاءِ هر شخص کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بطور سول سرونٽس تو??ان جا دروازا عوام جي لاءِ سدائين کليل هجڻ گهرجن ته جيئن انهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، عدم برداشت جي ڪلچر کي ختم ڪري معاف ڪرڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو، حڪ??مت عورتن کي حق ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سول سروسز اڪيڊمي والٽن ۾ 49 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر 49 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام ۾ پاس ٿيندڙ آفيسرن کي مخاطب ڪندي چيو ته آئون پاس آئوٽ ٿيندڙ سمورن آفيسرز خاص طور تي ??نهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن تو??ان جي تربيت ڪئي ۽ تو??ان کي ان قابل بڻايو جو اڄ تو??ان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي?? آهيو، تعليم جي حقيقت پنهنجي جڳهه تي مڃيل آهي جيڪا ڪاميابي جي سيڙهي چڙهڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي پر تعليم سان گڏ تو??ان کي حقيقي تربيت پنهنجي گهر کان ۽ انهي جڳهه تان ملي آهي، زندگي جي هر دور ۾ ماڻهو سکي ٿو ۽ سدائين سکڻ جي خواهش رهڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته تو??ان جو اصل امتحان عملي زندگي ۾ شروع ٿيندو جتي تو??ان کي ثابت قدم رهي پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان پوري ايمانداري سان ادا ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته عوام کي سياستدانن مان تمام گهڻيون اميدون واڳيل هونديون آهن ڇو ته اهي انهن کي چونڊين ٿا پر جيڪي پاليسيون حڪ??متي نمائندا جوڙين ٿا انهن پاليسين تي ??ملدرآمد جي ذميواري تو??ان ماڻهن تي هوندي آهي.
حڪومتي ۽ انتظامي معاملن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ڪنهن به معاشري جي تباهي جو سبب هوندو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا