اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) توانائي واري مملڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ڊاڪٽر شيرين مزاري جي گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي کي لکيل خط کي ”اسان کي بچايو اپيل“ قرار ڏنو آهي. ان حوالي سان ردعمل ڏيندي ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته اهو خط نه ”اسان کي بچايو“ جي اپيل آهي. مملڪتي وزير چيو ته هڪ طرف تحريڪ انصاف آمريڪا تي ٻاهرئين ملڪ سازش جي ڳالهه ڪري رهي آهي ۽ ٻئي طرف گڏيل قومن کي رحم جي اپيل ڪري رهي آهي. هن پڇيو ته اها ڪهڙي سازش آهي؟ هن چيو ته هڪ طرف آزادي جي دعو??ٰ ڪن ٿا ۽ ٻئي طرف سياست چمڪائڻ جي لاءِ ??اهرئين ملڪ خط لکي رهيا آهن. هن چيو ته ٻين تي فتويٰ ڏيڻ وارا پي ٽي آءِ ??يڊر ڪهڙي ??نهن سان گڏيل قومن کي عرضيون لکي رهيا آهن؟.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن